آزادي ۽ چهلم: آگسٽ ۾ چار ڏينهن جون موڪلون ملڻ جو امڪان!”

ملڪ ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ موڪلن جا ڏينهن خوشي ۽ عقيدت سان ڀرپور ٿي سگهن ٿا، جتي 14 آگسٽ جي آزادي ۽ 15 آگسٽ تي چهلم جي سبب چار ڏينھن لاڳيتو موڪلن جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي ڪابينه ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، 14 آگسٽ (خميس) تي ملڪ ۾ يومِ آزادي جي عام موڪل ٿيندي، جڏهن ته 15 آگسٽ (جمعو) تي امام حسين عليه السلام جو چهلم ٿيندو حالانڪه چهلم وفاقي موڪلن ۾ شامل ناهي، پر ڪيترن ئي صوبن ۽ شهرن، جهڙوڪ ڪراچي ۽ راولپنڊي، ۾ هر سال جيان هن ڀيري به مقامي سطح تي موڪل جو امڪان آهي اهڙي صورت ۾: 14 آگسٽ (خميس) – يومِ آزادي -15 آگسٽ (جمعو) – چهلم (ممڪن مقامي موڪل)-16 آگسٽ (ڇنڇر) – هفتي جو عام موڪل وارو ڏينهن-17 آگسٽ (آچر) – هفتي جو عام موڪل وارو ڏينهن-ان جو مطلب آهي ته جيڪڏهن چهلم جي موقعي تي مقامي موڪل جو اعلان ڪيو ويو ته چار ڏينهن جي لاڳيتو موڪلون ملي سگهن ٿيون، جيڪي عوام لاءِ آرام، عبادت ۽ سفر لاءِ بهترين موقعي طور ڪم اچي سگهن ٿيون.

پنھنجي راءِ لکو