ژوب ۾ افغان سرحد رستي غير قانوني گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام، 33 دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ فوج بلوچستان جي ضلعي ژوب ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي غير قانوني طريقي سان ملڪ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 33 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آءِ ايس پي آر موجب، 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز ضلعي ژوب جي علائقي سمبازه ۾ پاڪستان-افغانستان سرحد ذريعي غير قانوني ملڪ ۾ گهڙڻ ۽ نشاندهي ڪندڙ، دهشتگردن جي گروپ “فتنہ الخوارج” خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 33 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا، جن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي پاڪ فوج موجب، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ته جيئن باقي بچيل دهشتگردن جو به خاتمو ڪري سگهجي پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع ۽ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهن.

پنھنجي راءِ لکو