حيدرآباد (رپورٽ: عبدالغفور سروهي) — سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ گم ٿيل نينگر حبيب الله پلي کي سڀاڻي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ دولتپور مان گم ٿيل نينگر جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت ايس ايس پي نوابشاهه ۽ دولتپور پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو۔عدالت دوران جج صاحب ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته نينگر جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جنهن تي ايس ايس پي عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو۔درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حبيب الله پلي 20 ڏينهن کان گم آهي، پر پوليس عدالتي حڪم باوجود کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔عدالت ايس ايس پي نوابشاهه کي حڪم ڏنو ته نينگر کي سڀاڻي تائين بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي۔