سارين جا اگھ گهٽ ٿيڻ خلاف ڪڍڻ ۾ آبادگارن جو احتجاجي ڌرڻو

بدين: ڪڍڻ ۾ سارين جا مناسب اگھ نه ملڻ خلاف آبادگارن پاران مک شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو۔ آبادگارن جو چوڻ هو ته سارين جا اگھ گهٽائي کين معاشي طور تي استحصال جو نشانو بڻايو پيو وڃي۔ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن بدين جي سڏ تي عزيز الله ڏيرو ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ڪڍڻ-بدين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ جي آمد و رفت پڻ متاثر ٿي۔آبادگارن دانهه ڪئي ته حڪومت بنا جواز سارين جو اگھ اوچتو گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب فصل تي ڪيل خرچ به پورو نه ٿو ٿئي ۽ هارين جو جياپو ڏکيو ٿي ويو آهي۔شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سارين جي في مڻ جو اگھ گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار روپيا مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن کي معاشي رليف ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو