سنڌ حڪومت پوليو ويڪسين نه پياريندڙ والدين خلاف سخت ڪارروائي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت انهن جا موبائل فون نمبر بند ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ جا قدم شامل آهن۔تفصيل موجب، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجي وٽ ڪو ٻيو رستو ناهي، سواءِ اُن جي ته اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪجي جيڪي پوليو جي خاتمي واري قومي ذميواري کان غافل آهن۔هن واضع ڪيو ته جيڪي والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا نه پياريندا، انهن خلاف اهڙا قدم کنيا ويندا جو اهي رابطن ۽ سفر جي سهولتن کان محروم ٿي ويندا۔ٻئي پاسي، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ضلع ڏکڻ جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ انسدادِ پوليو مهم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، جڏهنتہ هن مهم ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔