ڪراچي وارا سهيل آفريدي کي مايوس نه ڪن بئرسٽر گوهر جي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اپيل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر ڪراچي جي ماڻهن کان اپيل ڪئي آهي ته هو باني پي ٽي آءِ عمران خان جي نمائندي ۽ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي مايوس نه ڪن۔سوشل ميڊيا ايپ ايڪس تي جاري بيان ۾ بئرسٽر گوهر چيو ته اڄ سهيل آفريدي جو سنڌ جو آخري ڏينهن آهي ۽ سومر تي هو واپس وڃي رهيو آهي۔ سنڌ حڪومت آخري ڏينهن ڪا بدمزگي پيدا نه ڪري ۽ سٺو ماحول برقرار رکي۔ اسان گهڻو برداشت ڪيو آهي وهان به هڪ ڏينهن صبر ڪريو۔هن چيو ته جناح گرائونڊ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اڄوڪو جلسو ڪنهن خلاف نه، پر پنهنجن حقن لاءِ آهي، جيڪو قانون موجب، مقرر وقت ۽ جاءِ تي پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيندو۔

پنھنجي راءِ لکو