اسلام آباد ۾ پاڪستان جي قديم تهذيب گندھارا کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ پهريون ورچوئل سفر متعارف ڪرايو ويو آهي. هن منصوبي جو مقصد پاڪستان جي تاريخي سڃاڻپ کي نئين نسل ۽ عالمي سطح تي نمايان ڪرڻ آهي۔پاڪستان اها سرزمين آهي جتي گندھارا، موهن جو دڙو هڙاپا ۽ ڪوٽ ڏيجي جهڙيون عظيم تهذيبون وجود ۾ آيون۔ حڪومت پاڪستان انهن قديم ورثن کي محفوظ رکڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي، جن کي عالمي ادارا به ساراهي رهيا آهن۔ اسلام آباد ميوزيم ۾ قائم ڊجيٽل گندھارا گيلري ۾ گندھارا تهذيب کي مصنوعي ذهانت، ٿري ڊي ۽ ورچوئل ٽيڪنالاجي ذريعي پيش ڪيو ويو آهي۔ هي منصوبو ڪوريا هيريٽيج ايجنسي، آثار قديمه کاتي ۽ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويو هيگيلري جو دورو ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي هزارين سال پراڻي گندھارا دور ۾ محسوس ڪن ٿا، جتي اهي تاريخي ماڳن ۽ مجسمن کي ورچوئل نموني سان ڏسي سگهن ٿا۔ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن، شاگردن ۽ محققن هن گيلري کي انتهائي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته هي منصوبو پاڪستان جي مثبت عالمي سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو۔
