ماهٔ رجب ۾ سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ﷺ زائرين سان ڀرجي ويون

ماهٔ رجب جي مقدس مهيني دوران عمره زائرين جي انگ ۾ تاريخي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سان مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ﷺ آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي عاشقن سان ڀرجي ويون۔ سعودي وزارتِ حج ۽ عمره موجب رجب مهيني دوران مسجد الحرام ايندڙ زائرين جو انگ هڪ ڪروڙ انچاس لک رهيو۔وزارت موجب انهن زائرين مان ٻه لک کان وڌيڪ معتمرين سعودي عرب کان ٻاهر ملڪن مان آيا۔ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ﷺ جي انتظامن بابت جنرل اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته رجب مهيني ۾ 14.9 ملين ماڻهن عمره جي سعادت حاصل ڪئي۔بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل انگن اکرن جي ڀيٽ ۾ هن سال ماهٔ رجب ۾ عمره زائرين جو انگ رڪارڊ سطح تي پهچي ويو۔ غير معمولي رش کي نظر ۾ رکندي مسجد الحرام ۾ طواف ۽ سعي لاءِ الڳ الڳ رستا ترتيب ڏنا ويا ته جيئن زائرين کي سهولت ملي سگهي۔سعودي پريس ايجنسي موجب انهن زائرين ۾ سعودي عرب جي اندر کان ايندڙن سان گڏ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان شامل هئا، جن جو تعلق اسلامي ۽ بين الاقوامي ملڪن سان هو۔ حڪام جو چوڻ آهي ته هي واڌ سعودي وژن 2030 تحت حج ۽ عمره انتظامن ۾ ڪيل سڌارن جو ثبوت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو