ڪراچي ۾ شادي بياهه جي صنعت عروج تي 2025 جي سياري واري سيزن ۾ 33 ارب رپين جي آمدني

آل ڪراچي ميرج هال، لان ۽ بينڪوئٽ اونرز ايسوسيئيشن شهر قائد ۾ شادي بياهه بابت اهم انگ اکر سامهون آندا آهن۔ ايسوسيئيشن موجب ڪراچي ۾ شادي بياهه جي صنعت قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ 2025 جي سياري واري سيزن دوران هن شعبي مان تقريباً 33 ارب رپين جي آمدني حاصل ڪئي وئي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هزارين ميرج هال، لان، بينڪوئٽ، بال روم ۽ مارڪيز موجود آهن، جتي شادين جي بکنگ مهينن اڳ ئي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته سيزن دوران گهڻا هال مڪمل طور تي ڀرجي وڃن ٿا۔هنن ٻڌايو ته روايتي ڪئلينڊر جي ڀيٽ ۾ هاڻي شاديون گهڻو ڪري ڊسمبر کان جنوري دوران ٿين ٿيون، جنهن عرصي ۾ هالن جي مصروفيت لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهي۔ ڪافي وقت کان پوءِ ڏينهن جي وقت ٿيندڙ شاديون به ٻيهر مقبول ٿي رهيون آهن، ڇو ته انهن جو ڪرايو شام جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو گهٽ هوندو آهي۔ايسوسيئيشن موجب شهر ۾ پروفيشنل ايونٽ مئنيجمينٽ خدمتن جو رجحان به وڌي رهيو آهي۔ هڪ شادي ۾ اوسطاً 100 سڌيون ۽ 250 اڻسڌيون صنعتون ۽ خدمتون شامل هونديون آهن، جن ۾ ڪيٽرنگ، لباس، گل، ٽرانسپورٽ، تعمير ۽ ايونٽ لاجسٽڪس شامل آهن۔انهن سرگرمين جي نتيجي ۾ نه رڳو لاڳاپيل ڪاروبار سرگرم رهن ٿا پر مقامي معيشت کي به هٿي ملي ٿي ۽ هزارين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو