درآمد ٿيل استعمال ٿيل موبائل فونن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي بعد فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ڊيٽا اسٽوريج ڊوائيسز لاءِ به اهم قدم کڻي ڇڏيو آهي۔ ايف بي آر يو ايس بي، فليش ڊرائيو ۽ ميموري ڪارڊز تي لاڳو ڪسٽمز ڊيوٽي لاءِ نئين ويليوئيشن جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ڊالر ريٽ گهٽايو ويو آهي سرڪاري دستاويزن موجب چين مان درآمد ٿيل 16 جي بي يو ايس بي تي 0.78 ڊالر ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته چين کان سواءِ ٻين ملڪن مان درآمد ٿيل 16 جي بي يو ايس بي تي 1 ڊالر ڊيوٽي عائد ڪئي ويندي۔ چين مان درآمد ٿيل 32 جي بي يو ايس بي تي 0.87 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 1.13 ڊالر، 64 جي بي يو ايس بي تي چين مان 1.17 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 1.52 ڊالر ڪسٽمز ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي آهي۔128 جي بي يو ايس بي تي چين مان درآمد جي صورت ۾ 2.60 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 3.38 ڊالر، 256 جي بي يو ايس بي تي 3.88 ڊالر ڊيوٽي لاڳو ٿيندي۔512 جي بي يو ايس بي تي چين مان 3.99 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 5.18 ڊالر ڪسٽمز ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي آهي هڪ ٽي بي يو ايس بي تي چين مان درآمد تي 7.64 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 9.93 ڊالر، جڏهن ته 2 ٽي بي يو ايس بي تي چين مان 14.76 ڊالر ۽ ٻين ملڪن مان 19.18 ڊالر ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ٿيندي ايف بي آر يو ايس بي، فليش ڊرائيو ۽ ميموري ڪارڊز بابت نئين ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ لاءِ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔
