سعودي عرب جي اداري امورِ حرمين شريفين اعلان ڪيو آهي ته مسجد نبوي ﷺ ۾ رمضان المبارڪ دوران افطار دسترخوان لڳائڻ لاءِ پرمٽن جون درخواستون طلب ڪيون ويون آهن۔سعودي خبر رساں اداري موجب، مسجد نبوي ﷺ ۾ افطار دسترخوان لڳائڻ جا خواهشمند فرد ۽ غير منافعي بخش فلاحي ادارا مقرر ڪيل ضابطن تحت درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا۔رپورٽن موجب انفرادي سطح تي پرمٽ لاءِ درخواستون 25 جنوري تائين وصول ڪيون وينديون، جڏهن ته غير منافعي بخش فلاحي ادارن جون درخواستون 28 جنوري کان شروع ٿينديون، جن لاءِ ٽي ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي۔اداري امورِ حرمين شريفين درخواست ڏيندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته افطار دسترخوان لڳائڻ بابت جاري ڪيل ضابطن جو جائزو وٺي، انهن جي مطابق درخواستون تيار ڪيون وڃن۔واضح رهي ته مسجد نبوي ﷺ ۾ هڪ سال دوران 8 هزار 335 شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ حفظ ڪيو، جيڪو حرمين شريفين جي ديني خدمتن جو اهم مثال آهي۔
