ڪوٽڙي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي پيش آيل هڪ المناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ تيز رفتار ڪار ٽرڪ جي پٺيان ٽڪرائجڻ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا۔ ريسڪيو عملدارن موجب حادثو انتهائي تيزي سبب پيش آيو، جنهن ۾ ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي۔حادثي جي اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو ڄامشورو جي نمائندي دلدار جانوري موجب فوت ٿيلن ۾ 3 نينگريون ۽ هڪ عورت پڻ شامل آهن۔ حادثي جو شڪار فيملي حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد جي رهواسي هئي، جيڪا ٺٽو وڃي رهي هئي۔حادثي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي
