گل پلازه سانحو هڪ هفتو گذرڻ باوجود لاشن جي سڃاڻپ مشڪل 10 ڄڻا اڃا لاپتا

ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي قائم شاپنگ سينٽر گل پلازه ۾ باهه لڳڻ جي دل دهلايندڙ واقعي کي هڪ هفتو گذري چڪو آهي، پر ڇهه ڏينهن تائين باهه نه وسامڻ سبب امدادي ۽ سرچ آپريشن ۾ ڏکيائون پيش آيون۔گل پلازه جي ملبه مان هٿ آيل لاشن جي حالت انتهائي خراب آهي، جنهن سبب انهن جي سڃاڻپ تقريباً ناممڪن بڻجي وئي آهي، جڏهن ته درجنين فوت ٿيلن بابت اڃا تائين ڪا سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي۔ پروگرام باخبر سويرا ۾ ڳالهائيندي لاشن جي سڃاڻپ واري منصوبي جي انچارج عامر حسن خان ٻڌايو ته شروعات ۾ رڳو 6 لاشن جي سڃاڻپ ٿي سگهي هئي، جڏهن ته هاڻي 16 ماڻهن جي سڃاڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ مجموعي طور 67 ڄڻن جي نشاندهي ٿي آهي۔عامر حسن خان جو چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ هڏيون هٿ ۾ ئي پائوڊر بڻجي وڃن ٿيون، پر ٽيم مايوس ناهي ۽ ڪم جاري آهي۔ هن ٻڌايو ته فوت ٿيلن جا وارث اهي جايون ڏيکارين ٿا جتي بيهي سندن پيارن آخري وڊيو ڪال ڪئي هئي ۽ درخواست ڪن ٿا ته انهن جڳهن جي بنياد تي لاشون ڳوليون وڃن سينيئر رپورٽر نذير شاه موجب هي سانحو بلديه ٽائون واري واقعي سان ملي ٿو۔ هن چيو ته شارٽ سرڪٽ ۾ عام طور ڪجهه دڪانن تائين باهه محدود رهندي آهي، پر هتي هڪ ئي وقت ڪيترين دڪانن ۾ باهه لڳڻ سوال پيدا ڪري ٿو۔ ماهرن موجب باهه سينٽرل اي سي جي ڊڪٽس ذريعي پکڙجي، پر اها وضاحت اطمينان بخش ناهي۔تازي ڄاڻ موجب ڊپٽي ڪمشنر ساؤٿ جاويد نبي کوسو چيو آهي ته گل پلازه کي 90 سيڪڙو تائين ڪليئر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 10 کان 11 ڄڻا اڃا لاپتا آهن۔ سرچ آپريشن دوران 4 ڊي وي آر به هٿ آيا آهن، جيڪي باهه لڳڻ جي سببن بابت اهم ثبوت مهيا ڪري سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو