وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڏوهاري عنصرن ۽ منظم گينگز خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ٿاڻي کھنہ پوليس اهم ڪاميابي حاصل ڪندي بدنام زمانه “شيخو گينگ” جا ٻه ڪارندا گرفتار ڪري ورتا آهن۔اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدار بئنڪن مان رقم ڪڍي ايندڙ شهرين کي نشانو بڻائي ڦر ڪندا هئا۔ پوليس جوابدارن وٽان ڦريل 22 لک رپيا روڪ رقم ۽ وارداتن ۾ استعمال ٿيل هٿيار سميت گوليون (ايمونيشن) به هٿ ڪري ورتيون آهن۔پوليس موجب جاچ دوران جوابدارن جڙواں شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هٿيارن جي زور تي ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته مزاحمت ڪندڙ شهرين کي زخمي ڪرڻ جو به انڪشاف ڪيو آهي۔ڊي آءِ جي اسلام آباد محمد جواد طارق چيو آهي ته شهرين کي سندن قيمتي اثاثن کان محروم ڪندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون۔ هن چيو ته منظم ۽ سرگرم گينگز خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون۔
