سردار اختر مينگل جو قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل جو استعيفيٰ منظور ڪري ورتو آهي۔تفصيل موجب سردار اختر مينگل 3 سيپٽمبر 2024ع تي قومي سيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏنو هو، پر اسپيڪر سردار اياز صادق لڳ ڀڳ هڪ سال پنج مهينا بعد اهو استعيفيٰ منظور ڪيو۔دار اختر مينگل اين اي 256 خضدار مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو۔ هو 8 روري تي ٿيل عام چونڊن ۾ به ساڳئي تڪ تان ڪامياب ٿيو هو۔ هن بلوچستان جي صورتحال ۽ حڪومت طرفان سندس مطالبا تسليم نه ڪرڻ سبب استعيفيٰ ڏنو هو۔ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ميمبر جنيد اڪبر ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن سبب ڪورم پورو نه ٿيڻ تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو۔سياسي تجزيه نگارن موجب سردار اختر مينگل جو استعيفيٰ منظور ٿيڻ بعد اين اي 256 خضدار ۾ ضمني چونڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان فيصلي جا بلوچستان جي سياسي صورتحال تي به اثر پئجي سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو