ڪوئٽا: مريم نواز جو ايف سي بلوچستان لاءِ 10 ارب رپين جي امداد جو اعلان

ڪوئٽا (11 فيبروري 2026ع): وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ايف سي بلوچستان جي مالي سهڪار لاءِ 10 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ وزيراعليٰ پنجاب فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊڪوارٽرز بلوچستان جو دورو ڪيو، جتي هن جوانن سان خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه مهينا اڳ خبر پئي ته ايف سي کي فنڊن جي ضرورت آهي۔ بلوچستان اڪيلو ناهي، اسان سڀ ان سان گڏ بيٺل آهيون۔هن چيو ته ايف سي جا جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڌرتي جي سلامتي لاءِ وڙهي رهيا آهن۔ شهيدن جو انگ لڳ ڀڳ هڪ هزار تائين پهچي چڪو آهي، اوهان جي هر هڪ جان انتهائي قيمتي آهي۔ هن فرنٽ لائن تي وڙهندڙ اهلڪارن کي سلام پيش ڪيو۔مريم نواز چيو ته دشمن انتهائي حڪمت عملي سان پاڪستان خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي۔ جيڪو پاڪستان کي ڪمزور ڪري ٿو، اهو ملڪ جو دوست نه پر دشمن آهي۔ جيڪڏهن اسان سيهي پلائي ديوار (بنيان مرصوص) وانگر گڏ بيهي وڃون ته دشمن اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه گهندو۔هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي پاڪستان جي ترجيح آهي۔ اسان رڳو روايتي جنگ نه پر پنجين نسل جي جنگ (ففتھ جنريشن وار) کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ ذهنن تي حملا ڪيا وڃن ٿا۔ پر اسان کي ورهائڻ جون سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون۔وزيراعليٰ پنجاب چيو ته پنجاب ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيت وڌائي وئي، جنهن سان ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي۔ بلوچستان ۾ به امن قائم رکڻ لاءِ ايف سي جي استعداد وڌائڻ ضروري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو