سپارڪو جو اهم سنگ ميل: پاڪستان جو ٻيو مقامي سيٽلائيٽ “EO-2” ڪاميابي سان لانچ

پاڪستان خلائي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي پنهنجو ٻيو مقامي سيٽلائيٽ “EO-2” ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي۔پاڪستان اسپيس اينڊ اپليڪيشن سينٽر (سپارڪو) موجب سيٽلائيٽ کي چين جي يانگ جيانگ سي شور لانچ سينٽر تان خلا ۾ موڪليو ويو، جيڪو ملڪ لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي۔EO-2” سيٽلائيٽ زمين جي مشاهدي ۽ تصويرڪشي جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ آڻيندو۔ اهو زرعي نگراني، شهري ترقي، آبي وسيلن جي انتظام ۽ قدرتي وسيلن جي سروي لاءِ اهم ڊيٽا فراهم ڪندو۔هي سيٽلائيٽ آفتن جي انتظام، موسمي تبديلي جي اثرن جي جائزي ۽ حڪمت عملي جي منصوبه بندي ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو۔هن ڪامياب لانچ کانپوءِ پاڪستان جي سيٽلائيٽن جي بيڙي ۾ واڌ ٿيندي، جنهن سان مشاهدي جي تسلسل ۽ درستگي بهتر ٿيندي۔مقامي طور تي تيار ڪيل “EO-2” پاڪستان جي خلائي ٽيڪنالاجي ۾ خود انحصاري ۽ سائنسي ترقي جو واضح ثبوت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو