ڪراچي: شيرين جناح ڪالوني ۾ جرگي دوران فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل

شهر قائد ڪراچي جي علائقي شيرين جناح ڪالوني ۾ پراڻي تڪرار جي حل لاءِ سڏايل جرگي دوران فائرنگ ٿيڻ سبب ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ته پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس اختيارين موجب ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان وٺي لين دين جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي نبيرڻ لاءِ جرگو ڪوٺايو ويو هو۔ پر جرگي دوران ٺاهه نه ٿي سگهيو ۽ ڳالهه ٻولهه تلخ ڪلامي مان وڌي فائرنگ تائين پهچي وئي۔فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موقع تي ئي فوت ٿي ويا۔ پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ ڪامران ۽ سرتاج طور ٿي آهي۔ شروعاتي جاچ مطابق مقتول ۽ جوابدار پاڻ ۾ ويجها مائٽ، يعني مامو ۽ ڀاڻيجا آهن۔پوليس واقعي جي اطلاع ملندي ئي پهچي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو