اورنگي ٽائون ۾ جلد گهوٽ بڻجندڙ نابينا نوجوان گهر اندر فائرنگ ۾ قتل

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي جلد دولهو بڻجندڙ هڪ نابينا نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن گهر اندر گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب الله والا ڪاليج ويجهو جوابدار گهر ۾ داخل ٿي 40 ورهين جي دانش تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، جڏهن ته پوليس مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته گهر مان ٽي موبائل فون غائب هئا، جيڪي بعد ۾ گهر ڀرسان ميدان مان مليا. انهن موبائل فونن ۾ نابينا ماڻهن لاءِ ٽاڪ بيڪ سافٽ ويئر انسٽال ٿيل هو. خاندان موجب دانش پيدائشي نابينا نه هو پر وقت سان سندس نظر هلي وئي هئي. هو بلديه جي اسڪول ۾ نائب قاصد طور ڪم ڪندو هو ۽ گهر ۾ ٻارن کي قرآن پاڪ به پڙهائيندو هو. سندس شادي جلد ٿيڻ واري هئي ۽ گذريل رات به شادي جي خريداري ڪئي وئي هئي.

ايس ايس پي ويسٽ موجب شاداب گرائونڊ ڀرسان پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو به ٿيو، جنهن دوران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. گرفتار ٿيل جوابدار وٽان هٿيار، خالي خول، چار موبائل فون ۽ نقد رقم هٿ آئي آهي.

پوليس موجب ٻنهي واقعن وچ ۾ لاڳاپي بابت جاچ جاري آهي ۽ جلد وڌيڪ تفصيل سامهون آندا

پنھنجي راءِ لکو