سپر هاءِ وي ڪٺور حادثو: فوت ٿيلن جي تعداد 14 ٿي وئي

سپر هاءِ وي ڪٺور جي ويجهو پيش ايندڙ هولناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ٻيو زخمي ٻار اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هن المناڪ واقعن ۾ فوت ٿيلن جي مجموعي تعداد 14 تائين پهچي وئي.ريسڪيو ذريعن موجب سول اسپتال ۾ علاج هيٺ 3 ساله ٻار عمران زخم برداشت نه ڪري سگهي ۽ فوت ٿي ويو. اهو حادثو ايم نائن موٽرو وي تي تڏهن پيش آيو جڏهن آئل ٽينڪر، مسافر بس، وين ۽ هڪ ننڍي ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿيو. پوليس موجب حادثي ۾ آئل ٽينڪر جو ڊرائيور به فوت ٿيو.
وارثن موجب حادثي جو شڪار سڀ 13 ماڻهو هڪ ئي خاندان ۽ محسود قبال سان تعلق رکندڙ هئا. متاثر خاندان ڪوٽڙي (حيدرآباد) کان ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيو هو.حادثو تڏهن پيش آيو جڏهن خاندان شادي جي تقريب کان واپس ڪوٽڙي وڃي رهيو هو. ڪراچي ۾ سڀ ضابطي واري ڪارروايون مڪمل ٿيڻ بعد لاشون حيدرآباد (ڪوٽڙي) روانو ڪيون وينديون، جتي سڀ فوت ٿيلن کي دفن ڪيو ويندو. هن حادثي ۾ اڃان 6 کان وڌيڪ زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

پنھنجي راءِ لکو