ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي ڪٺور جي ويجهو پيش ايندڙ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 12 ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ماڻهن ۾ 25 ساله احسان الله، 40 ساله عامر جان، 36 ساله فاطمه، 7 ساله عادل، 12 ساله جميلا، 8 ساله ناديا، 6 ساله عافيه ۽ 4 ساله صبا شامل آهن. انهيءَ کان علاوه 5 ساله مناهل، 6 ساله حسينه، 7 ساله ارشاد ۽ 6 ساله عمران به حادثي ۾ فوت ٿيا.ريسڪيو عملدارن موجب فوت ٿيل ماڻهن جو تعلق ڪوٽڙي سان هو ۽ ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ لاشون آبائي علائقي موڪليو ويون آهن. حادثي جي سببن معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.ابتدائي معلومات موجب هڪ تيز رفتار مسافر بس رانگ وي کان روڊ تي اچي وئي ۽ مخالف رخ کان ايندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيون گهڻيون گاڏيون به متاثر ٿيون ۽ شديد نقصان ٿيو. فوت ٿيل ماڻهو ڪوٽڙي کان ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا ۽ حادثو واپسي دوران پيش آيو.**
