ڪراچي وزٽ ويزا جي آڙ ۾ غير قانوني طور تي ملائيشيا وڃڻ وارو مسافر ڪراچي ايئرپورٽ تي آف لوڊ

ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي امیگريشن جي عملدارن وزٽ ويزا جي آڙ ۾ پرڏيهي ملڪ وڃڻ واري هڪ مسافر کي آف لوڊ ڪيو.ترجمان موجب مسافر اياز خان وزٽ ويزا تي ٿائيلينڊ وڃي رهيو هو، پر امیگريشن ڪليئرنس دوران شڪ جوڳي ثابت ٿيو. ابتدائي تحقيقات مان معلوم ٿيو ته مسافر ٿائيلينڊ جي رستي غير قانوني طور تي ملائيشيا وڃڻ چاهي رهيو هو.ايف آءِ اي عملدارن موجب انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ ايجنٽ مسافر کان ٽي لک روپيا وصول ڪيا هئا. وڌيڪ تحقيق لاءِ مسافر کي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي جاري رهندي.

پنھنجي راءِ لکو