ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هاءِ وولٽيج ٽي20 مقابلو: گرين شرٽس ڀرپور تياري ۾

ڪولمبو: آئي سي سي مينز ٽي20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ روايتي حريف ڀارت خلاف اهم ميچ کان اڳ جمعي ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور ٽريننگ سیشن ڪيو.

پاڪستان ۽ ڀارت جو هي هاءِ وولٽيج مقابلو اتوار ڏينهن ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽينيم ۾ ٿيندو، جتي سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.

گرين شرٽس ٽيم ٽي ڪلاڪ ڊگهي پريڪٽس سیشن ۾ حصو ورتو ته جيئن مقامي حالتن سان هم آهنگ ٿي سگهن. سخت تربيت دوران بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جون مشقون کوچنگ اسٽاف جي نگراني هيٺ ڪرايون ويون.

ماهر بيٽرز ۽ بولرز کي صورتحال مطابق هدف ڏنا ويا، جيڪي پوري ڪرڻ لاءِ خاص مشقون ڪرايون ويون. کوچز سيناريو بيسڊ پريڪٽس تي خاص ڌيان ڏنو ته جيئن رانديگر ميچ جي دٻاءَ واري صورتحال لاءِ تيار رهن.

هي ميچ ٻنهي ٽيمز لاءِ نهايت اهم آهي ڇو ته فتح جي صورت ۾ سپر ايٽ مرحلي ۾ رسائي تقريباً يقيني ٿي ويندي. ٽي20 ورلڊ ڪپ جو سپر ايٽ مرحلو 21 فيبروري کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ چارنهي گروپن جون ٽاپ ٻه ٽيمون حصو وٺنديون.

گروپ اي جي پوائنٽ ٽيبل تي پاڪستان ٻن ميچن ۾ 4 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت به ساڳيا پوائنٽس رکندي سرفهرست آهي، پر بهتر نيٽ رن ريٽ جي ڪري ان کي برتري حاصل آهي.

ڀارتي اڳوڻي اسپنر هربھجن سنگھ ڀارتي بيٽرز کي خبردار ڪيو آهي ته هو خاص طور تي پاڪستان جي فاسٽ بولر شاهين شاه آفريدي کان محتاط رهن، ڇو ته هو ميچ جي رخ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪستاني اسڪواڊ
سلمان علي آغا (ڪپتان)ابرار احمدبابر اعظم فهيم اشرف فخر زمان خواجه نفيع
محمد نواز محمد سلمان مرزا نسيم شاه صاحبزادہ فرحان صائم ايوب شاهين شاه آفريدي
شاداب خان عثمان خان عثمان طارق هي ميچ نه رڳو ٽيمون پر ڪرڪيٽ جي شائقين لاءِ به نهايت اهم ۽ دلچسپ ٿيندو.

پنھنجي راءِ لکو