فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو جرمني جو 3 ڏينهن وارو دورو، عالمي سلامتي معاملن تي اهم ملاقاتون

چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف سيد عاصم منير طرفان جرمني جو ٽي ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو ويو، جنهن دوران هن عالمي ۽ علائقائي سلامتي، دهشتگردي خلاف سهڪار ۽ دفاعي لاڳاپن جي واڌ بابت اهم عالمي اڳواڻن ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.

سرڪاري ذريعن موجب دورو 12 کان 14 فيبروري تائين جاري رهيو، جنهن دوران ميونخ ۾ منعقد ٿيل سيڪيورٽي فورم جي موقعي تي مختلف ملڪن جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقاتن ۾ جديد سيڪيورٽي چئلينجن، گڏيل حڪمت عملين ۽ عالمي امن جي استحڪام لاءِ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

مذاڪرات دوران دهشتگردي جي خاتمي، علائقائي استحڪام، پيشه ورانه فوجي لاڳاپن ۽ گڏيل تربيت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به خيال ونڊيو ويو. عالمي سطح تي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.

دوري کي پاڪستان جي عالمي دفاعي ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان نه رڳو ٻطرفا لاڳاپا وڌندا پر عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ گڏيل ڪردار کي به هٿي ملندي.

پنھنجي راءِ لکو