وزیراعظم شہباز شریف جو رمضان ریلیف پیکیج 2026 جو اعلان

اسلام آباد: وزیراعظم شہباز شریف رمضان 2026 لاءِ “رمضان ریلیف پیکیج” جو باضابطه آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هر مستحق خاندان کي 13 هزار روپيا فراهم ڪيا ويندا.

38 ارب روپين جي حجم واري هن پیکیج تحت ملڪ جي 1 ڪروڙ 21 لک مستحق خاندانن جي بينڪ اکاؤنٽس ۽ ڊيجيٽل والٽس ذريعي رقم جي منتقلي جو عمل فوري طور شروع ٿي چڪو آهي.

وزیراعظم چيو ته اهو پیکیج وفاقي دارالحڪومت، چارهي صوبي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ مستحقن تائين پهچايو ويندو. بلا تفريق هر خاندان کي رقم فراهم ڪئي ويندي، ۽ 21 لک کان وڌيڪ خاندان جيڪي ڪنهن سرڪاري کفالت پروگرام ۾ شامل نه هئا، اهي پڻ ان پیکیج مان فائدو حاصل ڪندا.

پهريان کان تحت کفالت خاندانن لاءِ 10 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ۽ مجموعي طور تقريباً 6 ڪروڙ ماڻهو هن پیکیج مان فائدو حاصل ڪندا.

شہباز شریف چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي پراڻو نظام ختم ڪري ڇڏيو ويو آهي، جيئن عوام باعزت ۽ شفاف طريقي سان ريليف حاصل ڪري سگهن.

وفاقي وزيرن تي مشتمل اعليٰ سطح ڪميٽي پیکیج جي نگراني ڪندي، ۽ عوامي شڪايتن لاءِ هيلپ لائن 9999 قائم ڪئي وئي آهي.

سیکريٽري بي آءِ ايس پي عامر علي چيو ته گذريل سال هر مستحق خاندان کي 5 هزار روپيا مليا هئا، جڏهن ته هن سال رقم وڌائي 13 هزار روپيا ڪئي وئي آهي ته جيئن مستحق طبقات کي باعزت ۽ شفاف ريليف ملي.

پنھنجي راءِ لکو