وفاقي حڪومت عمران خان کي اکين جي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ويندي
وفاقي وزير پارلياماني معاملا طارق فضل چوهدري موجب باني پاکستان تحريڪ انصاف عمران خان کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ ۽ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حڪومت هر قيدي کي قانون موجب سهولتون ڏيڻ ۽ حساس صحت معاملن ۾ سياسي عمل کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي.
