ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن جو جعلي دوائن جي فيڪٽري تي ڇاپو، 12 ڪروڙ رپين جون مضرِ صحت دوائون هٿ

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي جي اينٽي ڪرپشن ونگ ڪراچي ۾ جعلي دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جون مضرِ صحت دوائون هٿ ڪري ورتيون آهن. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل خفيه اطلاع تي ڪراچي جي علائقي احسن آباد ۾ واقع جعلي دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هنيو.ارروائي دوران وڏي مقدار ۾ جعلي ۽ مضرِ صحت دوائون ضبط ڪيون ويون، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ايف آءِ اي ٽيم فيڪٽري جي منيجر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين ملوث جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.ايف آءِ اي موجب فيڪٽري ۾ غير معياري ۽ مضرِ صحت مواد استعمال ڪري جعلي دوائون تيار ڪيون پئي ويون، جيڪي بعد ۾ شهر جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن تائين پهچايون وينديون هيون. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو