رمضان المبارڪ جي آمد کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مجموعي طور 26 هزار 157 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب رمضان المبارڪ دوران تراويح جي 4 هزار 582 جڳهن تي 10 هزار 133 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. سيڪيورٽي پلان ۾ 4 هزار 7 مسجدون، 270 امام بارگاهون ۽ 305 کليل جڳهيون شامل آهن.ترجمان ٻڌايو ته شهر جي 353 تجارتي ۽ عوامي هنڌن تي 2 هزار 989 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته 126 مارڪيٽون، 219 مالز ۽ شاپنگ سينٽرز ۽ 8 رمضان بازارن تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.پوليس موجب حساس علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي، اسنيپ چيڪنگ ۽ موبائل پٽرولنگ ۾ واڌ ڪئي ويندي، جڏهن ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ وڌيڪ اثرائتي بڻائي ويندي. سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي نگراني سخت ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون آهن.پوليس ترجمان وڌيڪ چيو ته سڀني ڊيوٽي آفيسرن کي الرٽ رهڻ ۽ فوري رسپانس يقيني بڻائڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن، جڏهن ته شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي بابت فوراً مددگار 15 تي اطلاع ڏين.
