ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 سي ۾ سنسني خيز واقعو سامهون آيو آهي، جتي بنا نمبري پوليس موبائل ۾ موجود پوليس اسپيشلائزڊ يونٽ جي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن پاران ٻن دڪانن ۾ مبينه ڊڪيتِي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي۔ جي سي سي ٽي وي فوٽيـج به حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار گٽڪا فروشين خلاف ڇاپن جي آڙ ۾ لوٽ مار ۾ مصروف نظر اچن ٿا۔تفصيل موجب سرجاني ٽائون سيڪٽر 7 سي ۾ واقع شيخ پلاسٽڪ نالي دڪان تي اهلڪار داخل ٿيا ۽ مبينه طور لکين رپين جو سامان ۽ ڪيش ڪائونٽر مان رقم کڻي ويا۔ متاثر دڪاندار جو چوڻ آهي ته اهلڪار ڪلاشنڪوفون ۽ بلٽ پروف جيڪٽون پاتل ا ۽ سامان بورين ۾ ڀري پوليس موبائل ۾ وجهي فرار ٿي ويا۔سي سي ٽي وي فوٽيـج مان ظاهر ٿئي ٿو ته مبينه اهلڪارن پهرين هڪ گٽڪا فروش جي دڪان تي ڇاپو هنيو ۽ پوءِ ويجهو موجود پان، ڇاليا ۽ تمباکو جي دڪان تي به رڪجي ويا۔ الزام آهي ته اهلڪارن تقريباً ڏيڍ لک رپيا نقد ۽ لکين رپين جو ٻيو سامان لوٽيو۔متاثر دڪاندار جڏهن سرجاني ٽائون ٿاڻو پهتو ته اتي موجود عملي مبينه طور پنهنجي ئي ساٿين خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ علائقي واسين ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي۔
