ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي نصير ٽاور ڀرسان گذريل ڏينهن ملندڙ لاش جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ مقتول جي لاش کي آڻڻ جا منظر صاف نظر اچي رهيا آهن۔
فوٽيج موجب مزمل شاه کي قتل ڪرڻ کان پوءِ موٽر سائيڪل تي رکي واقعي واري هنڌ آندو ويو۔ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر سائيڪل تي ٻه نامعلوم ماڻهو سوار هئا، جن مقتول جي لاش کي پنهنجي وچ ۾ ويهاريو هو۔ملزم لاش روڊ جي ڪناري تي اڇلائي آساني سان فرار ٿي ويا۔ پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ملزمن جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد ورتي پئي وڃي۔
