پنجاب اوقاف بورڊ جي اجلاس ۾ ملازمن لاءِ 20 سيڪڙو الائونس ۽ ڪنٽريڪٽ ملازمن جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي۔تفصيل موجب صوبائي وزير چوہدری شافع حسین جي صدارت هيٺ پنجاب اوقاف بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا۔اجلاس دوران ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي جي بحالي، ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ليز اينڊ ڊولپمينٽ جي نئين پوسٽ ٺاهڻ ۽ اوقاف ايڊمنسٽريٽرز جي گريڊ 18 عهدن تي ڀرتين جي منظوري ڏني وئي۔
ن کان علاوه اوقاف اداري جي ملازمن لاءِ 20 سيڪڙو الائونس ۽ ڪنٽريڪٽ ملازمن جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جي پڻ منظوري ڏني وئي۔جامعه هجويريه جي شاگردن کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ لاءِ لمس، پنجاب يونيورسٽي ۽ يو ايم ٽي سان معاهدن جي به منظوري ڏني وئي
