سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي سروس ٽريبونل فيصلي خلاف دائر اپيل زائد المعياد قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي، عدالت واضح ڪري ڇڏي ته حڪومت به عام شهري وانگر قانون مڃڻ جي پابند آهي. جسٽس عائشہ ملڪ جي تحريري فيصلي ۾ چيو ويو ته افسرن جي تبادلي يا ڪميٽين جي اجلاس نه ٿيڻ حڪومت جي پنهنجو قصور آهي ۽ عدالت تي بوجھ وجهي نه سگهجي. وفاقي حڪومت جي تاخير معاف ڪرڻ جي درخواست به مسترد ڪئي وئي، فيصلي جو احوال 4 صفحن تي مشتمل آهي ۽ عدالت چيو ته حڪومتي دفاتر جي رولز يا انتظامي مشڪلات وقت کان مٿي نه ٿيون ٿي سگهن.
