قومی اسمبلی اجلاسوں ۾ اراکين جي حاضري جا انگ اکر جاري

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي 84 اجلاسن ۾ ارڪان جي حاضري جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف صرف هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف 6 ۽ جے يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 8 اجلاس ۾ موجود هئا. قومي اسيمبلي جا 11 رڪن سنگل ڊجيٽ حاضري وارا هئا، جڏهن ته پنج رڪن، جن ۾ حمزه شريف، علي افضل ساهي، عمر فاروق، محبوب سلطان ۽ وقاص اڪروم شامل آهن، هڪ به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي۔ رپورٽ موجب گهٽ حاضري وارا رڪن پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان هئا، جن ۾ عورت رڪن پڻ شامل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو