وزیراعظم يوتھ فري ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ نيون اهلت جون شرطون جاري

وفاقي حڪومت وزيراعظم يوتھ فري ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ نيون اهلت جون شرطون متعارف ڪرائيون آهن ته جيئن اسڪيم وڌيڪ شفاف، منصفانه ۽ جامع بڻجي سگهي. نئين قاعدن تحت بيچلرز، ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي طلبا پڻ شامل ٿي سگهن ٿا، ۽ انتخاب تعليمي ڪارڪردگي، تصديق ٿيل ڊوميسائل ۽ ٻين معيار جي بنياد تي ڪيو ويندو. درخواست ڏيڻ لاءِ متعلقہ يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا مڪمل ڪرڻ ۽ سرڪاري ويب سائيٽ تي تعليمي رڪارڊ ۽ سڃاڻپ جا دستاويز جمع ڪرائڻ ضروري آهي. ميرٽ لسٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ تقسيم ڪيو ويندو ته جيئن طلبا جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ۽ تعليمي معيار بهتر ٿي سگهي.

پنھنجي راءِ لکو