انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) ٽي20 ورلڊ ڪپ ۾ سپر ايٽ مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي، جنهن جي پهرئين ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون۔ٻئي مرحلي جو پهريون ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهه وڳي شروع ٿيندو۔ رپورٽن موجب نيوزيلينڊ ٽيم مقابلي کان اڳ ڏينهن جي وقت ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي۔نيوزيلينڊ جي ڪوچنگ اسٽاف پاڪستاني اسپنر عثمان طارق جي بالنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ بيٽرز کي ساڳئي ايڪشن ۾ بالون ڪرايون۔ جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فلڊ لائٽس هيٺ ٽريننگ سيشن ڪولمبو ۾ برسات سبب منسوخ ڪيو ويو۔هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن پريس ڪانفرنس دوران چيو ته رانديگر پُراعتماد آهن ۽ تياري مڪمل آهي، ٽيم ڇهه مهينا هن مرحلي جي تياري ڪندي رهي آهي ۽ بهترين ٽيم ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔واضح رهي ته سپر ايٽ مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجا ايندڙ ٻه ميچ 24 ۽ 28 فيبروري تي انگلينڊ ۽ سري لنڪا خلاف کيڏيندو۔
