ڪراچي: شهر قائد ۾ رمضان المبارڪ جي آمد سان گڏ پيشه ور گداگر سرگرم ٿي ويا آهن. گداگر ٽوليون ٺاهي گهٽين، محلن، چوڪ چوراهن ۽ عوامي هنڌن تي ڦهلجي ويون آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن۔
وڌيڪ همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ گداگر عورتن ۽ ٻارن کي استعمال ڪري رهيا آهن. انتظاميه ڪيترائي ڀيرا ڪاروائيون ڪيون آهن، پر ان جي باوجود شهري اڃا تائين هن مسئلي کان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن۔ عوام طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته گداگري خلاف مستقل ۽ سخت قدم کنيا وڃن۔
