ڪراچي ۾ ٽريفڪ نظام جي بهتري، پير محمد شاه ٻيهر ڊي آءِ جي ٽريفڪ مقرر

ڪراچي: شهر ۾ ٽريفڪ جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ اهم فيصلو ڪندي پير محمد شاه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي۔تفصيلن موجب پير محمد شاه کي 30 جنوري تي ايس اين جي ڊي موڪليو ويو هو، جنهن بعد مظہر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو اضافي چارج ڏنو ويو هو۔ هاڻ مظہر نواز شيخ ٻيهر پنهنجي اصل عهدي بطور ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز ذميواريون سنڀاليندا۔نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پير محمد شاه اڄ کان ڊي آءِ جي ٽريفڪ طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو، جڏهن ته ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان باقاعده اعلاميو جاري ڪيو ويو آهي۔يعن موجب سنڌ جي گهرو وزير ٽريفڪ جي خراب صورتحال تي سخت ناراضگي ظاهر ڪئي هئي ۽ هدايت ڪئي هئي ته رمضان المبارڪ دوران شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي۔ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس ضلعي پوليس کان مدد وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو