ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا جي نام نهاد سيڪيورٽي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي هو آبنائے ہرمز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٻين ملڪن کان مدد طلب ڪري رهيو آهي۔
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ X (Twitter) تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته آمريڪا آبنائي هرمز جي سلامتي لاءِ چين کان به مدد گهري رهيو آهي۔عباس عراقچي چيو ته آمريڪا جو سيڪيورٽي نظام خطرن کي روڪڻ بدران مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ پرڏيهي مداخلت سبب صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي رهي آهي۔هن خليجي ڀائر ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اهي علائقي مان پرڏيهي جارح قوتن کي ڪڍڻ لاءِ قدم کڻن ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿي سگهي۔
