تل ابيب (ويب ڊيسڪ): سوشل ميڊيا تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياہو جي وفات جون افواهون وائرل ٿي ويون آهن، پر اسرائيلي حڪومت انهن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم مڪمل طور تي ٺيڪ آهن.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته نيتن ياہو جي وفات جي خبر “فيڪ نيوز” آهي. انهي جي باوجود ايران جي پاسداران انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن نيتن ياہو زندا آهن ته انهن جو پتو لڳايو ويندو ۽ پوءِ نشانو بڻايو ويندو.
هي افواهه تڏهن وڌيڪ پکڙجي وئي جڏهن وزيراعظم جي آفيشل ايڪس (سابقه ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي انهن جي هڪ وڊيو ظاهر ٿي، جنهن ۾ تجزيي دوران نيتن ياہو جون “ڇھ آڱريون” ڏيکاريل هيون، ۽ ڪجه ماڻهن غلط سمجهيو ته وڊيو AI جي ذريعي تيار ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي اختيارين ۽ فئڪٽ چيڪ
