ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ جنگ ۽ خليجي ملڪن ۾ آمريڪي تنصيبات تي حملي سبب هن سال عيدالفطر جو تہوار انتهائي حفاظتي قدمن جي وچ ۾ ملهائبو.
🇦🇪 متحده عرب امارات جو فيصلو
متحده عرب امارات جي حڪام اعلان ڪيو آهي ته هن سال عيدالفطر جي نماز صرف مسجدن اندر ادا ڪئي ويندي، ميدانن ۽ عيدگاهن تي نماز جي اجازت نه آهي.
حڪام موجب اهو فيصلو عوام جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪيو ويو آهي. شهرين کان اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن.
🇶🇦 قطر ۾ پڻ پابنديون
قطر جي وزارت اوقاف پڻ عيدالفطر جي اجتماعن لاءِ ضابطو جاري ڪيو آهي.
وزارت موجب نماز عيد صرف مسجدن اندر ادا ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نماز جو وقت صبح 5:53 مقرر ڪيو ويو آهي. حفاظتي قدمن سبب ميدانن تي اجتماعن جي اجازت نه آهي.
خبرن جا نمايان نقطا
يو اي اي ۾ نماز عيد صرف مسجدن اندر
قطر ۾ ميدانن تي پابندي
حفاظتي خدشن سبب اهم فيصلو
عيدالفطر جنگ جي ڇانو هيٺ
