پاسدارانِ انقلاب جو اعلان: علي لاريجاني سميت شهيدن جي خون جو بدلو وٺنداسين

تهران (ويب ڊيسڪ): پاسدارانِ انقلاب ايران جي قومي سلامتي جي صلاحڪار علي لاريجاني سميت ٻين شهيدن جي خون جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

ايراني ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته علي لاريجاني جو خون ايراني عزت ۽ قومي سجاڳي جي علامت آهي ۽ صهيونين خلاف حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو۔ بيان ۾ چيو ويو ته “شهيد علي لاريجاني ۽ ٻين شهيدن جو بدلو وٺڻ ڪڏهن به نه وسارينداسين.”

آرمي چيف جو ردعمل

ايراني فوج جي ڪمانڊر اِن چيف امير حاتمي پڻ سڀني شهيدن جي خون جو بدلو وٺڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔ هن چيو ته علي لاريجاني جي شهادت تي ايران جو ردعمل فيصلائتو هوندو ۽ دشمن لاءِ سخت پشيماني جو سبب بڻجندو۔

هن وڌيڪ چيو ته شهيد لاريجاني جي انقلابي قيادت قوم لاءِ لازوال ورثو ڇڏي آهي ۽ ڏوهن ڀريا قدم ايران جي خودمختياري ۽ دفاعي صلاحيت کي متاثر نٿا ڪري سگهن۔

اسرائيل تي نئون حملو

انهن بيانن کانپوءِ ايران اسرائيل خلاف هڪ ٻيو وڏو وار ڪيو، جنهن کانپوءِ تل ابيب ۽ يروشلم سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ خطري جا سائرن وڄي اُٿيا۔

ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي ۾ علي لاريجاني پنهنجي پٽ سميت شهيد ٿي ويا هئا، جنهن جي سرڪاري سطح تي تصديق ٿي چڪي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو