اسلامي ملڪن جو ايران کان فوري حملا بند ڪرڻ جو مطالبو، گڏيل اعلاميو جاري

رياض (ويب ڊيسڪ): رياض ۾ ٿيل عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اهم مشاورتي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل اعلاميي ۾ ايران جي مبينه بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ايران کان فوري طور حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔

اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته شهري آبادي، هوائي اڏن، تيل تنصيبات، سفارتخانن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ بين الاقوامي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي۔ شرڪت ڪندڙ ملڪن ايران کان مطالبو ڪيو ته هو بنا ڪنهن شرط جي جارحيت روڪي ۽ حسنِ همسايگي جا اصول اختيار ڪري۔

وزرائن زور ڏنو ته متاثر ملڪن کي اقوام متحدہ جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي۔ ايران کي مختلف مليشيائن جي مالي ۽ فوجي مدد بند ڪرڻ جو به چيو ويو۔

اعلاميي ۾ عالمي جهاز راني جي تحفظ لاءِ آبنائے ہرمز ۽ باب المندب ۾ امن برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد نمبر 2817 تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو۔

اجلاس دوران لبنان جي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ استحڪام جي حمايت جو اعادو ڪيو ويو۔ گڏيل اعلاميي ۾ چيو ويو ته ايران جيڪڏهن حملا بند نه ڪندو ته نتيجا سنگين ٿي سگهن ٿا۔

شرڪت ڪندڙ ملڪن ان عزم جو اظهار ڪيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ باهمي صلاح مشوري ۽ سهڪار جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽائي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو