تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي انٽيليجنس واري وزير اسماعیل خطیب اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويا۔ ايراني اختيارين موجب کين پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊ سينٽر تي ٿيل حملي دوران نشانو بڻايو ويو۔
ايران جي صدر مسعود پزشکیان تهران ۾ ٿيل حملي ۾ اسماعيل خطيب جي شهادت جي باضابطه تصديق ڪندي چيو ته هن بزدلاڻي ڪارروائي قوم کي ڏک ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
ايراني ميڊيا موجب اڱاري جي رات تهران ۾ پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊ سينٽر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وزيرِ انٽيليجنس شهيد ٿي ويا۔
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج دعويٰ ڪيو آهي ته سندن ڪارروائي جو هدف ايران اندر فوجي تنصيبات هيون۔
ايراني اختيارين موجب تهران کان علاوه صوبي لورستان ۾ به حملا ڪيا ويا، جتي 7 ڄڻا شهيد ۽ 56 زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن۔
ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي ۽ اسرائيلي گڏيل ڪارروائي ۾ ايران جي قومي سلامتي جي صلاحڪار علی لاریجانی پنهنجي پٽ سميت شهيد ٿي ويا هئا، جنهن جي سرڪاري سطح تي تصديق ڪئي وئي هئي۔
