ايران پاڙيسرين تي حملا بند ڪري، نه ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا: سعودي پرڏيهي وزير

رياض (ويب ڊيسڪ): شهزادو فيصل بن فرحان ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو پاڙيسري ملڪن تي حملا فوري طور بند ڪري، نه ته سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو۔

رياض ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اهم اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي جارحيت تي سندن صبر لامحدود ناهي ۽ سعودي عرب کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي۔

هن الزام لڳايو ته ايران سوچي سمجهي رٿابندي تحت پاڙيسرين کي نشانو بڻايو آهي ۽ شهري هنڌن تي حملا جاري رکي رهيو آهي۔ سندس چوڻ هو ته ايران طرفان پيش ڪيل جواز ناقابلِ يقين آهن۔

شهزادو فيصل بن فرحان چيو ته اميد آهي ايران اجلاس جي پيغام کي سمجهي ويندو ۽ حالتن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي حملا بند ڪندو، ٻي صورت ۾ نتيجن جي ذميواري ايران تي عائد ٿيندي۔

سعودي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سعودي توانائي تنصيبات تي حملا بليڪ ميلنگ جي ڪوشش آهن ۽ اجلاس جي موقعي تي به اهڙا قدم کنيا ويا، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي۔ هن چيو ته ايران جي ساک کي شديد نقصان پهتو آهي ۽ اعتماد تقريباً ختم ٿي چڪو آهي۔

سندس چوڻ هو ته ايران پاڙيسري ملڪن سان سنجيده ڳالهين تي يقين نٿو رکي ۽ جهاز راني جي آزادي کي لاحق خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو