تل ابيب (ويب ڊيسڪ): اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياھو دعويٰ ڪيو آهي ته گذريل 20 ڏينهن کان جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملا کانپوءِ ايران وٽ يورينيم افزودہ ڪرڻ يا بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ جي صلاحيت باقي نه رهي.
نيتن ياھو چيو ته اسرائيل ايران جي فوجي صلاحيتن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ايران جو ميزائل ۽ ڊرون پروگرام وڏي پيماني تي تباهه ٿي چڪو آهي. بهرحال، هن يورينيم افزودہ ڪرڻ جي ناڪامي بابت ڪو به مضبوط ثبوت پيش نه ڪيو.
اسرائيلي وزيراعظم اشارو ڏنو ته زميني فوج (گرائونڊ ڪمپوننٽ) جي شموليت جا امڪان پڻ غور هيٺ آهن. هن چيو ته ڏکڻ پارس گئس فيلڊ تي حملو اسرائيل اڪيلو ڪيو ۽ آمريڪي صدر جي درخواست تي وڌيڪ حملا نه ڪيا ويندا.
نيتن ياھو وڌيڪ چيو ته اسرائيل آمريڪا کي جنگ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي چئي چڪا هئا ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن.
