ايران ۾ جاري جنگ دوران ايراني هلال احمر چيو آهي ته هينئر تائين 204 ٻار ۽ ٻه حامله عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن۔
پرڏيهي خبر رساں اداري موجب هلال احمر پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته شهيد ٿيندڙ ٻارن مان 53 ٻارن جي عمر پنجن سالن کان گهٽ هئي، جڏهن ته هنن حملن ۾ 18 هزار کان وڌيڪ عام شهري زخمي ٿي چڪا آهن۔
ايراني هلال احمر جو چوڻ آهي ته ٻارن ۽ حامله عورتن کي نشانو بڻائڻ ڪنهن به صورت فوجي ڪارروائي نٿي سڏجي سگهي ۽ اهڙا حملا انساني وقار جي سنگين ڀڃڪڙي آهن۔
رپورٽ موجب اسرائيلي ۽ آمريڪي فضائي حملن ۾ 498 اسڪول ۽ 251 طبي مرڪز تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر ٿيل ملڪيت ۾ 17 ريڊ ڪريسنٽ مرڪز پڻ شامل آهن۔
