دوحہ (ويب ڊيسڪ): قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو آهي ته ايران کي پنهنجو گم ٿيل اعتماد بحال ڪرڻو پوندو ۽ جنگ فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي۔
تفصيل موجب قطر جي وزيراعظم ايران جي حالين فوجي ڪارروائين ۽ ڌمڪين تي سخت تحفظات ظاهر ڪيا ۽ چيو ته اهي حملا علائقائي اعتماد کي شديد ڌچڪو پهچائي رهيا آهن۔
ترڪي جي وزيرخارجہ خاقان فيدان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران انهن ايران تي زور ڏنو ته هو تنازع کي وڌيڪ وڌائڻ کان پاسو ڪن۔
شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته ايران کي پنهنجو گم ٿيل اعتماد بحال ڪرڻو پوندو ۽ جنگ جو فوري خاتمو لازمي آهي، نه ته سڄي خطي جو استحڪام خطري ۾ پئجي سگهي ٿو۔
قطر راس لفان پلانٽ تي ٿيندڙ حملن کي ثبوت قرار ڏيندي چيو ته توانائي جون اهم تنصيبات نشانو بڻايون ويون، جن جا اثر نه رڳو قطر پر دنيا جي لکين ماڻهن تي پئجي سگهن ٿا۔
هن واضح ڪيو ته همسائيه ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جا دعوا ناقابل قبول ۽ بلاجواز آهن ۽ انهن کي رد ڪيو ويو آهي۔
ترڪي جي وزيرخارجہ خاقان فيدان پڻ ايران کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته ايران مشرقِ وسطیٰ ۾ جنگ کي وڌائڻ کان پاسو ڪري، همسائيه ملڪن تي حملا ڪنهن صورت قبول نه ڪيا ويندا۔
قطر ۽ ترڪي جا حڪام تصديق ڪئي آهي ته هو سڀني ڌرين سان مسلسل رابطا ۾ آهن ته جيئن خطي کي وڏي تباهي کان بچايو وڃي۔
