ڊونلڊ ٽرمپ : ايرانين سان جنگ شطرنج جهڙو آهي، هوشيار ۽ ذهين آهن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي خلاف جاري جنگ ۾ ايراني ماڻهن کي هوشيار ۽ ذهين قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان جنگ هڪ شطرنج جو وڏو راند آهي ۽ اسان انتهائي هوشيار ماڻهن سان مقابلو ڪري رهيا آهيون. هن زور ڏنو ته ايران سان مقابلو ڪرڻ دوران اسان انتهائي بلند قابليت ۽ اعليٰ آءِ ڪيو وارن ماڻهن سان ڊيل ڪري رهيا آهيون.

هن بيان دوران صدر ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري جنگي صورتحال تي پڻ روشني وڌي، جتي ٻنهي پاسن کان مسلسل حملا ڪيا پيا وڃن.

پنھنجي راءِ لکو