عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ صوبائي ٽيڪس وصولين جو هدف وڏي واڌ سان 1947 ارب رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي۔دستاويزن موجب پاڪستان ۾ مالياتي سڌارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ صوبن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف صوبائي روينيو اٿارٽيز کي هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 64 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف ڏنو آهي۔ هلندڙ مالي سال ۾ صوبائي ٽيڪس وصولين جو اندازو 1190 ارب رپيا هو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبن کي وڌيڪ 757 ارب رپيا اضافي ٽيڪس گڏ ڪرڻا پوندا۔آءِ ايم ايف پروگرام تحت جولاءِ کان سيپٽمبر 2026 تائين پهرين ٽه ماهي لاءِ 389 ارب رپين جي وصولين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2026 تائين ٻي ٽه ماهي ۾ اهو هدف وڌي 798 ارب رپين تائين پهچي ويندو۔ساڳي ريت جنوري کان مارچ 2027 تائين ٽين ٽه ماهي جي پڄاڻي تائين صوبائي روينيو اٿارٽيز کي مجموعي طور 1285 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻا پوندا۔ اهي هدف پاڪستان جي مالياتي استحڪام ۽ آمدني وڌائڻ واري حڪمت عملي جو اهم حصو سمجهيا پيا وڃن۔
