ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي، پاڪستان ذريعي رابطا جاري: ايراني مندوب

اقوام متحده ۾ ايران جي مستقبل مندوب امير سعيد ايرواني چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان جي ذريعي ڳالهيون جاري آهن ۽ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔ايراني ميڊيا موجب امير سعيد ايرواني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي جي آخري شڪل اڃا تائين طئي ناهي ٿي، پر ڳالهين جو سلسلو جاري آهي ۽ ڌريون حتمي متن تي اتفاق لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن۔هن وڌيڪ چيو ته اڃا تائين ايران ۽ آمريڪا معاهدي جي آخري مسودي تي متفق نه ٿيا آهن، پر ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رابطا جاري آهن۔ٻئي طرف اقوام متحده اسرائيل طرفان غزه جي سرحدي گذرگاهن جي بندش کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطيني عوام جي بقا لاءِ انساني امداد ۽ واپاري سامان جي مسلسل فراهمي انتهائي ضروري آهي۔اقوام متحده موجب تازن ميزائل حملن کان پوءِ اسرائيل ڪيترين ئي سرحدي گذرگاهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ڪرم ابو سالم ڪراسنگ ۽ رفع ڪراسنگ شامل آهن۔ اداري خبردار ڪيو آهي ته مغربي ڪنارو ۾ تشدد ۽ سيڪيورٽي خطرا اڃا به برقرار آهن۔اقوام متحده عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته مغربي ڪناري ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انساني امداد جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو